“اوڪاڙا ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ! — 2 ڊاڪُو مارجي ويا، 2 فرار”

اوڪاڙا ۾ سي سي ڊي پوليس ۽ هٿياربند ڊاڪُوئن وچ ۾ فائرنگ جو شديد مقابلو ٿيو، جنهن دوران 2 ڊاڪُو مارجي ويا، جڏهن⁠ته 2 ڊڪيت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا سي سي ڊي ترجمان مطابق، مارجي ويل ڊاڪُوئن جي سڃاڻپ نعيم الله ۽ محمد حسين طور ٿي آهي، جڏهن⁠ته فرار ٿيل جوابدارن جا نالا ساجد ۽ شان ٻڌايا ويا آهن پوليس موجب، واقعي واري هنڌ تان اسلحو، موٽر سائيڪل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون. مارجي ويل ڊڪيتن خلاف قتل، ڊڪيت، ۽ رستي تي ڦرلٽ جا 50 کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا ڊاڪُوئن خلاف سي سي ڊي تي حملي، مزاحمت، ۽ اسلحو رکڻ جا نوان ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.