اوڪاڙه: ٽرالر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيءُ ٻن پٽن ۽ ڌيءَ سميت فوت

 اوڪاڙه ۾ ٽرالر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ريسڪيو 1122 موجب جي ٽي روڊ تي ٽرالر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر سبب چار ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو 1122 ٻڌايو آهي ته فوت ٿي ويلن ۾ پيءُ، 2 پٽ ۽ ڌيءَ شامل آهن. انهي حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. حادثي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. خوفناڪ حادثو ملتان روڊ تي پنجاب ڪاليج جي سامهون انهي وقت پيش آيو جڏهن والد ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ وڃي رهيو هو. فوت ٿي ويلن ۾ محمد نديم ۽ انهي جا 3 پٽ 10 ورهين جو آريان، 8 ورهين جو ايان ۽ 6 ورهين جي عائزه شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثو ٽرالر ڊرائيور جي تيز رفتاري، غفلت، ڪوتاهي سبب پيش آيو، حادثي کان پوءِ ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو جڏهن ته پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ريسڪيو ٽيمون ۽ پوليس موقعي تي پهچي لاشن کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.