ايئرپورٽ تي اسڪينر مشين عورت کي وڌيڪ ميڪ اپ سبب سڃاڻپ نه ڪري سگهي، وڊيو وائرل

چيني عورت کي ايئرپورٽ تي وڌيڪ ميڪ اپ ڪرڻ مهانگو پئجي ويو. سوشل ميڊيا تي شنگهائي ايئرپورٽ تان هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هڪ چيني عورت پنهنجو ميڪ اپ صاف ڪندي نظر اچي رهي آهي. چيني عورت  ميڪ اپ سان تيار ٿي ايئرپورٽ تي پهتي جتي اسڪينر مشين عورت جي سڃاڻپ نه ڪري سگهي. وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ايئرپورٽ انتظاميه طرفان عورت کان سوال ڪيو ويو ته اوهان ايئرپورٽ تي ايترو ميڪ اپ ڇو ڪري آيا آهيو؟ انتظاميه عورت کان سڃاڻپ ڪارڊ طلب ڪيو ۽ چيو ته انهي وقت تائين اوهان ميڪ اپ صاف ڪنديون رهو جيستائين اوهان جي شۡڪل آءِ ڊي ڪارڊ جهڙي نه ٿي وڃي. انهي کان پوءِ وڊيو ۾ عورت کي ميڪ اپ صاف ڪندي به ڏسي سگهجي ٿو. انهي وڊيو جي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته اها وڊيو گذريل سال جي آهي پر سوشل ميڊيا جي زينت هلندڙ مهيني بڻجي آهي جنهن تي صارفين طرفان مختلف تبصرن جو سلسلو جاري آهي.