ايراني پارليامينٽ جي نائب اسپيڪر حامد رضا حاجي بابائي جو چوڻ آهي ته ايران عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي سربراهه رافيل گروسي تي ايراني ايٽمي ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. نائب اسپيڪر حامد رضا حاجي بابائي جو چوڻ آهي ته اهو قدم انهي لاءِ کنيو ويو آهي ڇو ته ايراني ايٽمي ٺڪاڻن بابت ڄاڻ اسرائيلي حڪومت کان حاصل ڪيل دستاويزات ۾ ملي آهي. حامد رضا حاجي بابائي وڌيڪ چيو ته آءِ اي اي اي کي هاڻ اهڙن ٺڪاڻن جي نگراني لاءِ ڪيمرا لڳائڻ جي به اجازت نه ڏني ويندي. انهي کان علاوه ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته گروسي جو دورو بي معنيٰ هوندو، ممڪن آهي ته اهو دورو بدنيتي تي ٻڌل هجي. انهي کان اڳ ايراني پارليامينٽ اڳ ئي آءِ اي اي اي سان تعاون ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي چڪو آهي ۽ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر گروسي کي اسرائيل جو محافظ ۽ غلام قرار ڏنو هو. ياد رهي ته رافيل گروسي ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملن کان پوءِ اهڙن ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هو.