ايران ۽ سعودي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي بعد گئس پائپ لائن منصوبي ۾ ڪا رنڊڪ ناهي: آصف زرداري

پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ميثاق معيشت وقت جي ضرورت آهي، ميثاق ميشت تي ڳالهائڻ ۽ صحيح ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، رڳو منهنجي فيملي ۽ ڪجهه سياسي خاندانن جي امير ٿيڻ سان ڪجهه نه ٿيندو.لاهور ۾ آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي صعنتڪارن سان خطاب ڪندي آصف عليزرداري چيو ته عدم تحفظ سبب پاڪستاني ٻاهر سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، اسان غريب نه امير ملڪ آهيون، جيڪو پاڪستان کي غريب ملڪ سمجهي ٿو اهو احمق آهي، اها ڳالهه اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن کي سمجهه ۾ نه پئي اچي ته مان ڇا ڪيان.هن چيو مان ڪرڪيٽر کي به چيو هو ته ميثاق معيشت لاءِ تيار آهيان، پاڪستان جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ميثاق معيشت وقت جي ضرورت آهي، معيشت جي بهتري لاءِ واپار کي هٿي ڏيڻي پوندي.سندس چوڻ هو ته مون کي توهان جي مسئلن جو احساس آهي، عام ماڻهو جا مسئلا حل ٿيندا ته اهي ٽيڪس ڏيڻ جي لائق ٿيندا، پاڪستان جي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن کي 100 ارب ڊالرن تائين وٺي وينداسين.آصف زرداري چيو ته اسان کي امداد نه واپار جي موقعا ڏسڻا پوندا، اسان دنيا کان ايڊ نه ٽريڊ گهرون ٿا، بنگلاديش جي ايڪسپورٽ جو جائزو وٺي چڪو آهيان، بنگلاديش ۾ ڀارتي ٽيڪسٽائل شين تي ميڊ ان بنگلاديش جو ٽيگ لڳندو آهي.اڳوڻي صدر چيو ته ايران ۽ سعودي عرب ۾ ڇڪتاڻ ختم ٿيڻ کانپوءِ هاڻ ايران مان گئس درآمد ڪرڻ ۾ ڪا رنڊڪ ناهي رهي، پاڪستان ايران گئس پائپ لائن جلد شروع ٿيندي، ان منصوبي ۾ ڪا دير نظر نه پئي اچي.