ايس ايڇ او محرابپور ابراھيم سومرو جي غفلت سبب 28 ڪيسن ۾ گهربل ڏوھاري ڌڻي بخش شر جي پوليس ڪسٽڊي مان فرار ٿيڻ وارو معاملو.

ايس ايڇ او محرابپور ابراھيم سومرو جي غفلت سبب 28 ڪيسن ۾ گهربل ڏوھاري ڌڻي بخش شر جي پوليس ڪسٽڊي مان فرار ٿيڻ وارو معاملو..ويجهي عرصي ۾ ضلعي اندر ھي ساڳي نوعيت جو ٽيون واقعو پيش آيو آهي… محرابپور: گذريل ڏينهن محرابپور پوليس کي سي آء اي پوليس نوشهروفيروز پاران امانتي مليل 28 ڪيسن ۾ گهربل گرفتار جوابدار ڌڻي بخش شر کي ايس ايڇ او محرابپور ابراھيم سومرو وڏي ڊيل تحت ڀڄائي پويان فرار ٿيڻ جو ڊرامو رچائي سڄي ضلعي جي پوليس گهرائي محرابپور جي داخلي ۽ خارجي رستن کي سيل ڪري ڇڏيو،ٻئي طرف ذريعن موجب جوابدار کي فل فرائي ڪرڻ لاءِ محرابپور پوليس حوالي ڪيو ويو جنهن ھٿ سان جوابدار ڀڄائي ڪھاڻي گهڙي ورتي پوليس موجب جوابدار کي حاجي بشير احمد واري قبرستان لڳ ڪنھن جاءِ ۾ ھٿڪڙيون ھڻي رکيو ويو جيڪو پوليس کي چقمو ڏئي ھٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو،اھڙي ڪھاڻي گهڙي محرابپور ٿاڻي جي ٽن پوليس اهلڪارن پرويز راڄپر، يونس راڄپر ۽ مجاھد شاهه کي قرباني جو ٻڪرو ٺاهي کين گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي،ذميوار ايس ايڇ او محرابپور ابراھيم سومرو بجاءِ صرف ٽن پوليس اھلڪارن تي جوابدار ڌڻي بخش شر کي فرار ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جون تياريو
(رپورٽر ابراھيم نوناري )