ايشيا ڪپ جو سڀ کان وڏو ۽ دلچسپ مقابلو اڄ دبئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. تفصيل موجب، تاريخي ميچ شام ساڍي 7 وڳي فلڊ لائٽس هيٺ شروع ٿيندو، جڏهن ته دنيا ڀر جا ڪرڪيٽ جا شوقين هن مقابلي جا شدت سان منتظر آهن۔ پاڪستان سپر فور مرحلي ۾ سيمي فائنل جي حيثيت رکندڙ اهم ميچ ۾ بنگلاديش کي 11 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي هئي۔ ايشيا ڪپ جي 41 سالن جي تاريخ ۾ هي پهريون موقعو آهي جو پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ٻئي سان فائنل ۾ ٽڪرائيندا۔ ان کان اڳ ٻئي ٽيمن ڪڏهن به ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ هڪٻئي جو مقابلو نه ڪيو آهي۔ شهر ڪراچي ۾ به ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ وڏا انتظام ڪيا ويا آهن۔ فائنل کي براہِ راست ڏسڻ لاءِ مختلف هنڌن تي وڏيون اسڪرينون لڳايون وينديون۔ آرٽس ڪونسل آف پاڪستان ڪراچي، پورٽ گرائونڊ ۽ سنڌ يوٿ ڪلب گلستان جوهر ۾ شائقين کي لائيو ميچ ڏسڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي۔ احصائي طور، ڪنهن به ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت هينئر تائين 5 ڀيرا آمهون سامهون اچي چڪا آهن، جتي پاڪستان کي ڀارت تي برتري حاصل آهي۔ پاڪستان 3 ڀيرا ڪامياب ٿيو آهي، جڏهن ته ڀارت کي 2 ڀيرا فتح نصيب ٿي آهي۔