ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي، پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جو مقابلو ٻن ٻن تان برابر

ايشين هاڪي چيمپيئن شپ ٽرافي ۾ ڏکڻ ڪوريا پاڪستان خلاف آخري سيڪنڊن ۾ گول ڪري ميچ 2_2 تان برابر ڪري ڇڏي.چين جي شهر هلنبيور ۾ جاري ايشين هاڪي چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جو مقابلو ٻن ٻن گولن تان برابر رهيو.ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، ڪوريا ٻئي ڪوارٽر ۾ ئي گول ڪري برتري قائم ڪئي جيڪا ٽئين ڪوارٽر تائين برقرار رهي.پاڪستان ٽيم ٽئين ڪوارٽر تائين ڪو به گول نه ڪري ۽ هڪ گول تان هارائي رهي هئي پر چوٿين ڪوارٽر ۾ پاڪستان ٽيم شاندار واپسي ڪئي ۽ حنان شاهد هڪٻئي پٺيان ٻه گول ڪري ڇڏيا.ميچ دوران هڪ موقعي تي پاڪستان 1_2 تان کٽي رهيو هو پر ميچ جي پڄاڻي کان 9 سيڪنڊ اڳ ڏکڻ ڪوريا هڪ ٻيو گول ڪري مقابلو 2_2 تان برابر ڪري ڇڏيو.قومي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي ٽِين ميچ ۾ 11 سپٽيمر تي جپان خلاف ميدان تي لهندي.