اسلام آباد: ايف آءِ اي عدالت بحريه ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض خلاف سخت قانوني ڪارروائي شروع ڪندي انهن کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي باقاعده ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.عدالت ۾ بحريه ٽائون خلاف مني لانڊرنگ اسڪينڊل (ڪيس نمبر 25/58 ۽ 25/59، ايف آءِ اي سي بي سي) جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ٻن لفظن ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ٻئي جوابدار 13 آڪٽوبر 2025 تي پيش نه ٿين، ته قانون موجب انهن کي اشتهاري قرار ڏنو ويندو ۽ اڳتي ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻڌڻي دوران ڪيس نمبر 25/58 ۾ جوابدار عطالحسن ۽ سجاد حيدر عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ انهن کي ڪيس جي نقل فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته ڪيس نمبر 25/59 ۾ جوابدار عطالحسن ۽ محمد عمران عدالت ۾ موجود رهيا. پر اهم جوابدار خليل الرحمان ٻنهي ڪيسن ۾ پيش نه ٿيو، ۽ سندس وڪيل بيماري جو بنياد ڏيئي حاضري کان معافي جي درخواست داخل ڪئي. عدالت انهي موقف کي دير وارو طريقو قرار ڏئي، واضح ڪيو ته صحت جي نالي تي دير قبول نه ڪئي ويندي. عدالت وڌيڪ هدايت ڪئي ته خليل الرحمان کي ڪيس جي نقل نه ڏني ويندي جيستائين هو پاڻ پيش نه ٿئي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ گواهن کي پيش ٿيڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي، ٻي صورت ۾ سخت ترين قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڪيس نمبر 25/58 جي ٻڌڻي 15 سيپٽمبر 2025 ۽ ڪيس نمبر 25/59 جي ٻڌڻي 17 سيپٽمبر 2025 تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.