فيڊل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) ٽيڪس حدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي کان پوءِ پاڪستان تي آءِ ايم ايف جو دٻاءُ وڌڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف آگسٽ ۾ 896 ارب روپين جو ٽيڪس جمع ڪرڻ جو ٽارگيٽ ڏنو پر ايف بي آر 30 آگسٽ تائين 790 ارب روپيه ٽيڪس جمع ڪيو، آگسٽ ۾ ٽيڪس حدف ۾ 100 ارب کان وڌيڪ جو شارٽ فال رهيو. ذريعن موجب روينيو شارٽ فال سبب آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ کان قرض منظوري ۾ وڌيڪ پريشانيون پيدا ٿينديون، شارٽ فال سبب ايف بي آر کي ايندڙ مهيني 1250 ارب روپين جي لڳ ڀڳ حدف ملندو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته شارٽ فال پورو نه ٿيو ته حڪومت کي مني بجيٽ آڻڻ جي تجويز ڏني ويندي، وزيراعظم ناڻي واري وزير ۽ چيئرمين ايف بي آر کان شارٽ فال تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.