پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول(ايل او سي) تي ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي کي ناڪام بنائيندي انهي کي ڪيرائي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته بهمبر جي علائقي مناور سيڪٽر ۾ دشمن ڪواڊ ڪاپٽر جي ذريعي جاسوسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته پاڪ فوج وقت تي ڪارروائي ڪندي دشمن جي انهي ناپاڪ ڪوشش کي ناڪام بنائي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته اهو واقعو پاڪ فوج جي پيشوارانه مهارت ۽ دفاعي تياري جو ثبوت آهي. پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو فوري ۽ موثر جواب ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏجي دشمن کي هر محاذ تي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي.