ايم ڪيو ايم آئيني ترميم جي حمايت لاءِ حڪومت آڏو پنهنجا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا

متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان 26هين آئيني ترميم لاءِ حڪومتي ترميم جي حمايت جي بدلي ۾ پنهنجا مطالبا حڪومت جي سامهون پيش ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي وفد آئيني ترميم جي حمايت بدلي بلدياتي ادارن کي بااختيار بنائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم چيو آهي ته بلدياتي ادارن کي بااختيار بنائڻ بابت ايم ڪيو ايم جي مسودي کي ترميم جو حصو بنايو وڃي. مسلم ليگ(ن) جو وفد نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڪراچي پهچندو. جتي آئيني ترميم جي موجوده مسودي تي ايم ڪيو ايم قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.انهي کان اڳ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار چيو هو ته آئيني ترميم ڪنهن به اصول تي نه آهي پر سياسي مفادن جي بنياد تي ٿي رهي آهي.