ايندڙ بجيٽ ۾ ڪرپٽو ٽرانزيڪشنز تي ٽيڪس لڳائڻ جو امڪان، 10 کان 30 سيڪڙو ڪيپيٽل گين ٽيڪس تجويز

اسلام آباد: حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪرپٽو ڪرنسي سان لاڳاپيل ٽرانزيڪشنز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ڪرپٽو ٽريڊنگ مان حاصل ٿيندڙ منافعي تي 10 کان 30 سيڪڙو تائين ڪيپيٽل گين ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب حڪومت بين الاقوامي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي مشاورت سان ڪرپٽو عبي کي باقاعده ٽيڪس نظام جو حصو بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف ڊجيٽل ڪاروبار ۽ ورچوئل اثاثن مان حاصل ٿيندڙ منافعي تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪم ٽيڪس ايڪٽ 2001 جي سيڪشن 37 ۾ ترميم ڪري نئين شق 37C شامل ڪئي وڃي سگهي ٿي، جنهن تحت ڪرپٽو ٽرانزيڪشنز مان حاصل ٿيندڙ ڪيپيٽل گين تي ٽيڪس وصول ڪيو ويندو.حڪومتي اندازن موجب پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 90 لک ماڻهو ڪرپٽو ڪرنسي استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته ڊجيٽل اثاثن ۾ واپار يا سيڙپڪاري ڪندڙن جو انگ 2 کان 4 ڪروڙ جي وچ ۾ آهي. حڪومت کي اميد آهي ته ڪرپٽو ٽرانزيڪشنز تي ٽيڪس لاڳو ٿيڻ سان اربين رپين جي اضافي آمدني حاصل ٿيندي.ذريعن موجب ڪرپٽو استعمال ڪندڙن، ٽرانزيڪشنز ۽ ٽيڪس نظام جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ خاص ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽي کي به ان حوالي سان سفارشون تيار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ اسٽيٽ بئنڪ ورچوئل اثاثن کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۽ ڊجيٽل ڪرنسي متعارف ڪرائڻ بابت فيصلو ڪيو هو. تجويز ڪيل نظام تحت پاڪستاني رپئي کي ڊجيٽل شڪل ۾ تبديل ڪري ورچوئل اثاثن جي خريد و فروخت ممڪن بڻائي سگهبي، جڏهن ته ڪرپٽو ڪرنسي لاءِ قانوني فريم ورڪ پڻ تيار ڪيو ويو آهي۔