اينٽي ڪرپشن عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي.لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت پرويز الاهي خلاف ترقياتي منصوبن ۾ مبينه ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پرويز الاهي کي سيني ۾ تڪليف آهي هو عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.وڪيل جي موقف تي پراسيڪيوشن چيو ته پرويز الاهي گذريل پيشي تي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو هو جيڪو جعلي آهي ان تي عدالت چيو ته رپورٽ ڏيکاريو، هن وقت ئي فيصلو ڪريون ٿا.جنهن کان پوءِ عدالت ۾ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو ويو جنهن کان پوءِ عدالت پرويز الاهي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. اينٽي ڪرپشن جي عدالت مان پرويز الاهي جي عبوري ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ سندس گرفتار ٿيڻ جو امڪان آهي.