اينٽي ڪرپشن پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عظميٰ خان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو

اينٽي ڪرپشن فيصل آباد پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عظميٰ خان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.رپورٽ موجب اينٽي ڪرپشن فيصل آباد اڻهاره هزاري ۾ 300 ڪئنال قيمتي زمين جعلسازي ذريعي پنهنجي نالي ڪرائڻ جي الزام هيٺ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ عظميٰ خان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.عظميٰ خان اڻهاره هزاري ۾ چڪ نمبر 2/7 تهل جنوبي، ۽ چڪ نمبر 2/11 تهل جنوبي ۾ فراڊ ذريعي زمين پنهنجي نالي ڪرائي.عظميٰ خان کان علاوه تحصيلدار، نائب تحصيلدار، پٽواري، ايراضي رڪارڊ سينٽر جي عملي سميت ٽوٽل 9 ڄڻا ايف آءِ آر ۾ جوابدار نامزد آهن جڏهن ته اينٽي ڪرپشن پوليس نائب تحصيلدار ۽ پٽواري کي گرفتار ڪري ورتو آهي.