اسلام آباد: نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سنڌو درياءَ جي هيٺاهين علائقن لاءِ هائيڊرولاجيڪل الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج تي ٻوڏ جي صورتحال برقرار آهي. اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر دريائن ۾ وهڪرن ۽ ٻوڏ جي صورتحال بابت تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب:درياءَ چناب جي تريمون، مراله، خانڪي ۽ قادرآباد وٽ پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ کان پوءِ صورتحال نارمل ٿي وئي آهي، پر پنجند وٽ 3 لک 8 هزار ڪيوسڪ سان مٿانهين درجي جي ٻوڏ موجود آهي.ڏکڻ پنجاب جي ملتان، مظفر ڳڙهه، راجن پور، لودهران، بهاوالپور، رحيم يار خان، علي پور، سيت پور، لياقت پور، اوچ شريف ۽ احمد پور شرقي ۾ ٻوڏ جي صورتحال برقرار آهي.درياءَ راوي مجموعي طور نارمل آهي، البت گنڊا سنگهه وٽ هڪ لک 8 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو موجود آهي.درياءَ ستلج ۾ صورتحال نارمل آهي، پر سليمانڪي ۽ بيڊ اسلام وٽ وهڪرو ترتيب سان 89 هزار ۽ 83 هزار ڪيوسڪ آهي.رپورٽ مطابق سنڌو درياءَ ۾:تربيلا ۽ تونسه وٽ صورتحال نارمل آهي،گڊو بيراج تي وهڪرو 6 لک 35 هزار ڪيوسڪ سان مٿانهين درجي جي ٻوڏ،سکر بيراج تي 5 لک 38 هزار ڪيوسڪ سان وچولي درجي جي ٻوڏ،جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي 2 لک 78 هزار ڪيوسڪ سان هيٺاهين درجي جي ٻوڏ موجود آهي.گڊو بيراج تي وهڪرو ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ سکر ۽ 24 کان 26 سيپٽمبر تائين ڪوٽڙي بيراج پهچڻ جو امڪان آهي، جتي وهڪرو 4 لک کان 4 لک 45 هزار ڪيوسڪ تائين وڌي سگهي ٿو.اين ڊي ايم اي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي سول ۽ عسڪري ادارن سان گڏجي ريسڪيو ۽ رليف سرگرمين جي نگراني جاري آهي. رپورٽ موجب پنجاب ۾ 27 لک ۽ سنڌ ۾ 16 لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آه اين ڊي ايم اي علائقائي رهواسين کي هدايت ڪئي آهي ته:لڏپلاڻ ۾ تعاون ڪن،غير ضروري سفر کان پاسو ڪن،هنگامي ڪٽس ۽ اهم دستاويز محفوظ رکن،۽ وڌيڪ رهنمائي لاءِ “ڊيزاسٽر الرٽ ايپ” استعمال ڪن.اداري خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن کان 17 سيپٽمبر تائين سنڌو درياءَ جي هيٺاهين علائقن ۾ تيز وهڪرن سبب سکر، ڪوٽڙي ۽ ڀرپاسي ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.