ايڪسيلنس پبلڪ اسڪول ڪنڌڪوٽ ۾ پاڪ فوج جي تاريخي فتح جي خوشي ۾ “يومِ تشڪر پروگرام” منعقد، مولانا جمال الدين اوڳاھي جي خصوصي شرڪت

ايڪسيلنس پبلڪ اسڪول ڪنڌڪوٽ جي زير اهتمام جي يو آء تعلقه ڪنڌڪوٽ جي پريس ترجمان مولانا محمد ابراهيم خاڪي جي زير نگراني پاڪستاني فوج جي تاريخ فتح تي “يوم تشڪر پروگرام ” منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ خصوصي شرڪت جي يو آء ضلع ڪشمور جي جنرل سيڪريٽري مولانا جمال الدين اوڳاھي جن ڪئي، خاڪي صاحب ضلع جنرل سيڪريٽري کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آء ضلع ڪشمور جي جنرل سيڪريٽري مولانا جمال الدين اوڳاھي جو چوڻ ھو ته پاڪستاني فوج انڊيا کي تاريخي شڪست ڏئي نه صرف پاڪستاني عوام پر عالم اسلام جون دليون کٽي ورتيون آھن، اسانکي افواج پاڪستان تي فخر آھي، ان موقعي تي ايڪسيلنس پبلڪ اسڪول جي پرنسپل ملڪ ابراھيم خاڪي شاگردن پاڪستاني فوج جي تاريخي فتح جي باري ۾ مڪمل آگاھي فراھم ڪئي، ايڪسيلنس پبلڪ اسڪول جي شاگردن پاران پاڪستان زندہ باد،پاڪ فوج زنده باد جا پُرجوش نعرا ھنيا ويا.