اي ٽي سي عدالت سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

اي ٽي سي عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو. شاهديون نه هجڻ تي آڌار تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري.عدالت عمران اسماعيل کي بي ڏوهي قرار ڏيندي پوليس جي رپورٽ منظور ڪري ورتي ۽ عمران اسماعيل کي 50 هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.عدالت عمران اسماعيل کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ان جو ريليز آرڊر پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. جيل ذريعن موجب عمران اسماعيل کي اڄ شام تائين جيل مان آزاد ڪيو ويندو.ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل به پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اڄ شام تائين سندس طرفان پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو امڪان آهي.