ڪنڌڪوٽ : اٺ ڏينھن اڳ ڪنڌڪوٽ شھر جي مرزاپور محلي مان ٻن موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿان کنڀي اغوا ٿيل اڍائي ورھين جي معصوم نينگر سمرت ڪمار کي شڪارپور پوليس جي نئين آيل ايس ايس پي امجد شيخ پاران ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي مان مبينه مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آھي۔ معصوم نينگر سمرت ڪمار کي ايس ايس پي شڪارپور بازيابي ڪرائڻ بعد پاڻ سان گڏ کڻي رات دير سان ڪنڌڪوٽ پھتو ته سوين ھندو برادري جي ماڻھن سندس جي حمايت ۾ زبرست نعريبازي ڪئي ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪري ھار پارايا۔ ان موقعي تي ھن سان ڪنڌڪوٽ پئنچايت جو اڳواڻ سيٺ نند لال۔ چوڌري ديوان لال۔ غوثپور جو مکي سريش لال ۽ ٻيا پئنچايت جا معززين به گڏ ھئا۔ ايس ايس پي امجد شيخ کي ھڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ ڪنڌڪوٽ جي پريم پرڪاش مندر ۾ آندو ويو جٿي ھزارين ماڻھو سندس انتظار ۾ پرجوش نعريبازي ڪري رھيا ھئا۔ ان موقعي تي ھن پنھنجي مختصر خطاب ۾ شھرين کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪشمور ضلعي جو وڃايل امن به ائين واپس ايندو جيئن نينگر سمرت واپس آيو آھي۔ ھن چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ جون وڃايل رونقون انشاءالله ٻيھر بحال ڪرائينداسين ۽ شھر مان اغوا ٿيل سڀ مغوي به آھسته آھسته بازياب ٿي ويندا توھان رڳو پوليس سان ساٿ ڏيو ۽ سھڪار ڪريو۔ ھن چيو ته اوھان اڳ جيان آزادانه گھمي ڦري ۽ پنھنجو ڪاروبار ڪري سگھندا۔ آخر ۾ پئنچايت جي اڳواڻن ۽ نينگر جي والد سندس جو شڪريو ادا ڪيو ۽ مندر جي طرفان دعا جيي چادر وجھي کيس تاڙين جي ڦھڪي سان روانو ڪيو ويو۔ ٻئي پاسي نينگر جي واپسي تي سندس گھر ڀاتين ۾ خوشي جي لھر اچي ويئي