اپوزيشن جي ريڪوزيشن تي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي، ڪورم پورو ڪرڻ اپوزيشن لاءِ وڏو چيلنج

اپوزيشن جي ريڪوزيشن تي سڀاڻي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، پر اپوزيشن پاڻ کي هڪ نئين آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اجلاس ۾ ڪورم پورو ڪرڻ اپوزيشن لاءِ اهم امتحان بڻجي ويو آهي.اجلاس لاءِ اپوزيشن کي 93 ميمبرن جي ضرورت آهي، جڏهن ته اپوزيشن جي مجموعي ميمبرن جو انگ 102 آهي. اجلاس ۾ اپوزيشن جي ميمبرن اعجاز شفيع ۽ شيخ امتياز جي شرڪت تي پابندي آهي، جڏهن ته هڪ ميمبر ملڪ کان ٻاهر آهي.ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اپوزيشن ميمبر پنهنجن ذميوارين ۾ مصروف هجڻ سبب 99 ميمبرن مان 93 جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ هڪ وڏو چيلنج بڻجي ويو آهي. سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران اپوزيشن جي اتحاد ۽ حاضري تي سڀني جي نظر رهندي.