پوليس موجب راولپنڊي جي اڊياله روڊ تي هڪ افسوسناڪ واردات ٿي آهي جتي هٿياربند ماڻهن ابوبڪر کان موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو. پوليس ٻڌايو آهي ته جوابدار واردات کان پوءِ موبائل ۽ موٽرسائيڪل کڻي فرار ٿي ويا. واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته واردات واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج سميت ٻين ذريعن سان جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ ڳولا جاري آهي ساڳي وقت، ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ به ڪجهه ڏينهن اڳ اهڙي ئي طريقي سان ڦر دوران مزاحمت تي هڪ نوجوان جبران خان حياتي وڃائي ويٺو. پوليس موجب 25 ورهين جو جبران ولد جمع خان سعودي عرب مان صرف 13 ڏينهن اڳ پنهنجي والد جي وفات تي واپس آيل هو. مائٽن جو چوڻ آهي ته جبران غير شادي شده هو ۽ ٽي ڀينرون ۽ ٻه ڀائر آهن، پاڻ گهر ۾ ٻئي نمبر تي هو. پوليس ترجمان مطابق ڦر جي واردات دوران مزاحمت تي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن بعد شهر ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي.