اڳوڻو صدر آصف علي زرداري دبئي روانو ٿي ويو

پاڪستان پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري دبئي روانو ٿي ويو آهي.ذريعن موجب، آصف زرداري خاص جهاز ذريعي ڪراچيءَ کان دبئي روانو ٿيو، ٻئي پاسي پاڪستان مسلم ليگ نون جو قائد ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف به دبئي ۾ موجود آهي ۽ گذريل ڏينهن دبئي پهتو هو.گذريل يو اي ايِ پهچندڙ پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف کي دبئي حڪومت جي طرفان خاص پروٽوڪول فراهم ڪيو پيو وڃي.اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ڪٽنب سميت دبئي ۾ پنهنجي ناٺي علي ڊار جي رهائش گاهه ايمريٽس هلز ۾ ترسيل آهي، نواز شريف اڄ رائل فيملي ۽ بزنيس ڪميونٽي سان ملاقاتون ڪندون، ملاقاتن ۾ مريم نواز به پنهنجي والد سان گڏ هوندي.دبئي جي حڪومت طرفان نواز شريف جي خاص پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي، نواز شريف دبئي بعد سعودي عرب ويندو، نواز شريف سعودي عرب ۾ هڪ هفتي تائين ترسڻ کانپوءِ ٻيهر دبئي ايندو.وزيراعظم شهباز شريف به اڃا تائين لنڊن ۾ موجود آهي، سندس جلد روانگي جو امڪان آهي، جڏهن ته نواز شريف پنهنجي ڪٽنب سان گڏ عيد دبئي ۾ ملهائيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني سياست جو مرڪز هاڻي دبئي هوندو، جنهن لاءِ ڪيئي سياسي اڳواڻن جي دبئي آمد جو امڪان آهي، دبئي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نواز شريف سان سياسي اڳواڻن جي ملاقاتن جو امڪان آهي.