لاهور: اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جو صدر ميان محمد نوازشريف پرڏيهي ايئرلائن ذريعي لاهور کان لنڊن روانو ٿي ويو آهي.خانداني ذريعن موجب نوازشريف جاتي امرا، رائيونڊ مان علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جتان هو قطر ايئرويز جي پرواز وسيلي لنڊن روانو ٿيو. سندس لنڊن ۾ قيام ٻن هفتن کان وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن مطابق نوازشريف لنڊن ۾ پنهنجي معمول جو طبي معائنو به ڪرائيندو. ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف نيورو سائنسز ۾ به هن جو چيڪ اپ ٿيو هو، جتي ايم آر آءِ رپورٽ ۾ سندس پٺيءَ ۾ تڪليف جي نشاندهي ٿي هئي.ياد رهي ته نوازشريف هلندڙ سال جون ۾ به لنڊن جو دورو ڪري چڪو آهي.