اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو پٽ حسن نواز برطانيه ۾ ٽيڪس ڊيفالٽر قرار، 52 لک پائونڊز ڏنڊ لاڳو

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پٽ حسن نواز کي برطانيه ۾ ٽيڪس ڊيفالٽر قرار ڏئي 52 لک پائونڊ جو ٽيڪس ڏنڊ لڳايو ويو آهي. برطانوي حڪومت طرفان پنهنجي جاري ڪيل تازي فهرست ۾ حسن نواز کي ٽيڪس ڊيفالٽر قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ موجب حسن نواز 5 اپريل 2015 کان 6 اپريل 2016 تائين تقريبن 94 لک پائونڊز جو ٽيڪس ادا ناهي ڪيو. برطانوي ٽيڪس اٿارٽي حسن نواز تي ڏنڊ لڳائي ڇڏيو. انهي حوالي سان برطانوي حڪومت پنهنجي سرڪاري ويب سائيٽ تي به تفصيل شيئر ڪري ڇڏيا آهن. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊيفالٽر هجڻ جي باوجود حسن نواز تي  لڳايل ڏنڊ جي وصولي جو امڪان موجود آهي. برطانوي قانون جي تحت ٽيڪس چوري جو ڏنڊ ڊيفالٽر ٿيڻ تي به معاف نٿو ٿئي.