اے اين ايف جي ترجمان ٻڌايو ته راولپنڊي ۾ يونيورسٽي جي ويجهو ڪار مان 1.100 ڪلو گرام منشيات برآمد ڪري 2 ملزمان کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته حيدرآباد جي گڊو چوک ۽ پيٽرول پمپ جي ويجهو هڪ ملزم وٽان 1 ڪلو اوپيئم ۽ 200 گرام آئس برآمد ٿي. گرفتار ملزمان اعتراف ڪيو آهي ته هو تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪندا هئا. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تان دبئي ۽ رياض ويندڙ 3 مسافرن جي سامان مان منشيات هٿ آيون. اسلام آباد ٽول پلازہ ويجهو ڪار مان 139.200 ڪلو اوپيئم ۽ 45.600 ڪلو منشيات برآمد ڪري 2 ملزمان کي گرفتار ڪيو ويو. اے اين ايف موجب، ڀواني حب جي زلي ۾ پيٽرول پمپ ويجهو مسافر بس مان 7 ڪلو ڪرسٽل هيروئن برآمد ڪري هڪ عورت سميت 2 ملزمان کي گرفتار ڪيو ويو. ائيرپورٽ روڊ ڪوئٽا جي ويجهو بليلي مقام تي ڪار مان 30 ڪلو اوپيئم برآمد ڪري ملزم کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته هڪ ٻي ڪارروائي ۾ ساڳي هنڌ ڪار مان 20 ڪلو اوپيئم به برآمد ٿي. ترجمان ٻڌايو ته دريا خان پل، ڀڪر روڊ ۽ ڊيره اسماعيل خان جي ويجهو 2 ملزمان جي قبضه مان 600 گرام آئس برآمد ٿي. گرفتار ملزمان خلاف انسداد منشيات ايڪٽ تحت ڪيسز درج ڪيا ويا آهن.