باجوڙ ۾ پوليس موبائيل تي بم حملي جي نتيجي ۾ پنج اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ موجب باجوڙ جي علائقي لوٽي سم ۾ پوليس موبائيل تي ريموٽ ڪنٽرول سان بم حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.شروعاتي ڄاڻ موجب ريموٽ ڪنٽرول بم کي وڻ ۾ لڳايو ويو هو جنهن جي ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال خار باجوڙ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.تعلقي خار جي علائقي بهائي چينه ۾ ٿيندڙ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ ايس ايڇ او سميت ڪجهه اهلڪار محفوظ رهيا. ڊي ايس پي عبدالعزيز موجب ايس ايڇ او شاهه پور خان جي گاڏي معمول جي گشت تي هئي. واقعي کان پوءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.