تفصيل موجب گوجرانوالا جي علائقي سلطانپوره ۾ هڪ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، جتي هڪ ظالم پيءُ گهريلو تڪرار کان پوءِ پنهنجي ٽن مهينن جي معصوم پٽ کي ڇت تان اڇلائي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار شهزاد جو پنهنجي زال سان جهيڙو ٿيو، جنهن کان پوءِ هن ڪاوڙ ۾ اچي معصوم عبدالله کي بلند عمارت تان اڇلائي ڇڏيو ۽ ٽن مهينن جو عبدالله سخت زخمي ٿيڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار شهزاد کي گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ فوت ٿيل ٻار جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. علائقي جي ماڻهن واقعي تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار کي سخت ترين سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به پيءُ اهڙو قدم نه کڻي سگهي.