شھر جي درگاھ محلي جي رهواسي 38 ورھين جي پورھيت طارق ڀاڳت کي اڻڄاتل هٿياربندن پاران گهرن ٻاهران گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي ان موقعي تي مقتول جي وارثن چاچي اڪبر ڀاڳت ٻڌايو ته رات 12 وڳي طارق ڀاڳت زرعي زمين کي پاڻي ڏيارڻ لاءِ ويل هو، جيڪو 2 وڳي تائين واپس نه آيو، جنهن کانپوءِ اسان ڳولها ڪئي ته نمبر به بند پيل هو، 3 وڳي تائين ڳولها باوجود ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو هنن چيو ته جڏهن فجر نماز جي ٽائيم اٿياسين ته لاش سندس مامي انور ڀاڳت جي گهر ٻاهران پلال جي کري ۾ پيل مليو اسان کي شڪ آهي ته کيس سڱاوتي معاملي تان قتل ڪري لاش گهر اڳيان ڦٽو ڪيو ويو آهي باڊھ پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وارثن جي مرضي موجب قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.