ببر شينهن جهنگلي جانور کائڻ اچي رهيو آهي: سعد رفيق

لاهور: ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف اچڻ وارو آهي، ببر شينهن واپس اچي رهيو اهي.لاهور ۾ ن ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي سعد رفيق چيو ته ببر شينهن جهنگلي جانور کائڻ اچي رهيو آهي، اقامي جي بنياد تي نواز شريف کي ڪڍڻ سازش هئي، ن ليگ کي موقعو مليو ته عدل جو نئون نظام آڻينداسين، نواز شريف واپس اچي انصاف جي نئين نظام جو خاڪو ٺاهيندو، ججن جي مقرري جي طريقي ڪار کي تبديل ڪيو ويندو.هن چيو ته نئون معاشي خاڪو به ڏينداسين، جنهن سان غريب تي بار بنا ٽيڪس نيٽ وڌي، ملڪ کي اميرن جي جمهوريت نٿي هلائي سگهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان سياسي سمجهه کان وانجهيل آهي.