بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ لاءِ جماعت اسلامي جي تحريڪ وڏي ڪاميابي آهي: حافظ نعيم الرحمان

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان وزيراعظم طرفان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جماعت اسلامي جي تحريڪ جي وڏي ڪاميابي آهي، هن وقت به اسان جو موقف ساڳيو آهي ته بجلي جو بل پورهيت جي ڪمائي مطابق هجڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت معاهدن تي نظر ثاني ته نه ڪئي پر في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان بجلي جي قيمتن ۾ وڏي رليف جو اعلان ڪيو ويو، مختلف ڪيٽيگريز جي صارفين لاءِ موجوده ريٽس ۽ نئين قيمتن جو اعلان ڪيو ويو آهي. دستاويزن موجب 50 يونٽ تائين وارن لائف لائن صارفين لاءِ بجلي جي في يونٽ 4 روپيه 70 پئسا جڏهن ته 51 کان 100 يونٽ وارن لائف لائن صارفين لاءِ في يونٽ قيمت 9 روپيه 37 پئسا برقرار رکي وئي آهي.