بجلي ڪمپنين جي نجڪاري تي احتجاج جو امڪان، حڪومت لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪري ڇڏيو

حڪومت سرڪاري بجلي ڪمپنين جي نجڪاري تي احتجاج جي امڪان کي نظر ۾ رکندي لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت ڊسڪوز، اين ٽي ڊي سي ۽ جنڪوز تي لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪيو آهي ۽ لازمي سروس ايڪٽ جي تحت انهن ڪمپنين ۾ احتجاج ۽ هڙتال تي پابندي هوندي.ذريعن ٻڌايو آهي ته حڪومت ڊسڪوز، اين ٽي ڊي سي ۽ جنڪوز ۾ يونين جي سرگرمين تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ لازمي سروس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت 7 مهينن جي لاءِ سمورن پاور سيڪٽرز جي ادارن تي لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪيو آهي ۽ گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن کان پوءِ پاور ڊويزن ان حوالي سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.ذريعن ٻڌايو آهي ته سرڪاري بجلي ادارن جي نجڪاري جي عمل دوران امڪاني طور تي ڊسڪوز، اين ٽي ڊي سي ۽ جنڪوز جي يونينز ۽ ٻيا ملازم احتجاج ڪري سگهن ٿا جنهن سبب لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي.