“بخشاپور: بنگوار ۽ ڊومڪي برادريءَ جو پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ پيرسن عبدالجبار ڊومڪي قتل”

تفصيل موجب بخشاپور لڳ بنگوار ء ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو بخشاپور ٿاڻي جي حد ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ اندهي اسٽاپ ڊومڪي پمپ وٽ بنگوار برادري جي هٿياربندن جو ڊومڪي برادري جي پيرسن مٿان جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب پيرسن عبدالجبار ڊومڪي ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته بنگوار برادري جي هٿياربندن ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي ء نعرا هڻندا ويا اهڙو اطلاع بخشاپور ٿاڻي تي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرسن جو لاش تحويل م وٺي ڇڏيو ء پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو هوڏانهن بخشاپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او صبغت الله جتوئي جو چوڻ آهي ته هي واقعو بنگوار ء ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي ذريعن موجب ته بنگوار ء ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين م هن وقت تائين ڊومڪي برادري جا هڪ عورت سميت چار ڄڻا ء بنگوار برادري جا ٻه ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن جڏهن ته جهيڙي سبب علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي اسڪول ء زمين غير آباد بڻيل آهي بخشاپور شهر توڙي بڊاڻي شهر ويران ٿي ويا آهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن