بخشاپور: ويجهو ٻھ ڏينھن اڳ انڌي ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان قتل ٿي ويل 5 ڄڻن عيدن ڊومڪي ـ

بخشاپور : ويجهو ٻھ ڏينھن اڳ انڌي ڦاٽڪ اسٽاپ وٽ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان قتل ٿي ويل 5 ڄڻن عيدن ڊومڪي ـ برڪت ڊومڪي ـ پير بخش ڊومڪي نوراحمد ڊومڪي ۽ ڌڻي بخش ڊومڪي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ شھر جي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن قتل ٿي ويل نوجوانن جي وارثن ۽ علاقعي واسين سميت شھرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنازي نماز وقت فوتي نوجوانن جا لاش کڄڻ مھل انتھائي دل ڏکائيدڙ منظر ماڻهن جا ھانو ڦاڙي ڇڏيا ۽ ھر اک آلي نظر آئي جڏهن ته پوري ڳوٺ جي ھر گھر ۾ ماتم ۽ مايوسي ڇانيل رھي ۽ ماحول پڻ سوڳ وار ھو جڏهن ته جنازي نماز بعد جھيڙي ۾ مارجي ويل نوجوانن جا مڙھ سڏڪن سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيا ويا جڏهن ته جھيڙي کان پوء ٻئي ڌريون مورچا بند ٿيل آهن ٻي پاسي خوني جھيڙي ۾ 5 قيمتي جانيون ضايح ٿيڻ ۽ 5 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪونه ٿي سگھيو آهي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي آهي جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي متاثر ڌر جي محمد پناھ ڊومڪي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس بخشاپور ٿاڻي تي داخل ڪرائينداسين اسين پنهنجي مارجي ويل ڪونڌرن جا مڙھ مٽي ماء حوالي ڪيا آهن ۽ ھن افسوس ناڪ واقعي تي سوين ماڻهو تڏي تي ڏک ۽ ھمدردي جڪو اظهار ڪرڻ لاء اچن پيا جنهن ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪونه ڪرائي سگھيا آھيون جلد ئي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائينداسين ـ