جا ٽي نوجوان احمد الدين گولو، عبدالغفار گولو، غلام عباس گولو کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا جنهن واقعي خلاف ۽ بدامني ۾ واڌ تي سردار محمد صلاح خان گولو برادري جو ڪٺ گولا ھائوس زورڳڙھ ۾ گھرائي ورتو جنهن م سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ رھندڙ گولا برادري جي ماڻهن کي ڪٺ گهرايو ويو انھي حوالي سان گولا برادري جي ميڙ کي خطاب ڪندي سردار محمد صلاح خان گولو چيو ته اسان جي برادري شريف، محنت ڪش آهن اسان جي ماڻھن کي ڪافي عرصي کان اغوا ڪري ڀنگ ورتو پيو وڃي جنهن ۾ مغوين جي بازيابي ۽ ضلعي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ اھم فيصلا ڪيا ويا آهن گولا برادري سان هر وقت ڪجھ برادريون وقتن بوقتن زيادتيون ڪري رهيا آهن هاڻي زيادتي ڪرڻ ڪنهن کي به نه ڏينداسين هن وڌيڪ چيو ته جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن جنهن م اسان جا ماڻهو اغوا ڪيا آهن اسان به هنن جا ماڻهو اغوا ڪنداسين اسان ڌاڙيلن کي هڪ به روپيو نه ڏينداسين مغوين کي پوليس جلد بازياب ڪرائي اسان جي شرافت کي ڌاڙيل ڪمزوري نه سمجهن ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ ڀل مغوين کي هڪ مهينو يا هڪ سال پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو يا کين قتل ڪري ڇڏيو پر ڀنگ لاءِ سوچيو به نه پنهنجي برادري جي ماڻهن جي حفاظت لاءِ گولا برادري کي هڪ ٿيڻو پوندو شرافت گهڻي ٿي هاڻي سر جو جواب پٿر سان ڏينداسين