بخشاپور ڀرسان ڳوٺ سومر لاڙو وٽ ڌاڙيلن پوليس موبائيل تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ بخشاپور ٿاڻي جو وڏو منشي مقصود بنگلاڻي ۽ هڪ پوليس اهلڪار ادب حسين سميت 2 ڄڻا ٿڏي تي شھيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ اهلڪار صدام حسين سخت زخمي ٿي پيو.زخمي پوليس اهلڪار کي ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته هٿياربند فائرنگ ڪندي آساني سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس ذريعن موجب زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪار جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن کي ڪنڌڪوٽ مان سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڪشمور جي مختلف علائقن مان هڪ ٻار سميت 4 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ علائقي ۾ هڪ مهيني دوران مغوين جو انگ 32 ٿي ويو آهي.