بدنام ڌاڙيل جي مارجي وڃڻ ۽ ٻن مغوين جي قتل کان پوءِ اوٻاوڙو پوليس چئن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو

اوٻاوڙو ڀرسان ڪچي واري علائقي رانونتي ۾ بدنام ڏڌاڙيل جي مارجي وڃڻ ۽ 2 مغوين جي قتل کان پوءِ اوٻاوڙو پوليس چئن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو.ڊي ايس پي اوٻاوڙو جي اڳواڻي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي دوران 4 مغوين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.ڏوهارين جي فائرنگ ۾ قتل ڪيل ٻن مغوين جا لاش به پوليس هٿ ڪري ورتا آهن. ان حوالي سان ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته راڄوڻي ڪوششن تحت مغوين جي بازيابي عمل ۾ آئي آهي. بااثر شخصيت جي مداخلت کان پوءِ ڌاڙيلن مغوين جا لاش به پوليس حوالي ڪري ڇڏيا آهن.