بدين ۾ سجاڳ عورت فورم طرفان وفاقي سرڪار طرفان نڪرندڙ تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف بلاول پارڪ کان ايوان صحافت بدين تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. انهي موقعي تي عورتن بختاور جمالي شازيه احمداڻي حميده خاصخيلي سعيده پروين ڳالهائيندي چيو ته اڄ سموري سنڌ جا ماڻهو روڊن تي سراپا احتجاج بڻيل آهن مرد عورتون ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻا هڻي اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته سنڌو درياءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو فوري ختم ڪيو وڃي. مظاهرين چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڃان تائين وفاقي حڪومت پنهنجي هوڏ تي قائم آهي ۽ اهو سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ دشمن منصوبو آهي جيڪو فوري طور ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هي احتجاج تحريڪ ۾ تبديل ٿي ويندا