بدين: وڄ لڳڻ سبب 12 ورهين جو نينگر فوت

بدين ضلعي جي تعلقي گولاڙچي ۾ وڄ ڪرڻ سبب 12 ورهين جو نينگر شڪيل ولد عارب ڀيل فوت ٿي ويو. لاش کي ضروري ڪارروائي بعد تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف گولاڙچي ۾ گذريل ڏينهن کان جاري تيز برسات سبب شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته شهر جي ڪيترن ئي روڊن تي ٻه کان ٽي فوٽ پاڻي بيٺل آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته انتظاميه مڪمل طور لاپتا آهي ۽ برساتي پاڻي جو نيڪال اڃا تائين شروع نه ٿي سگهيو آهي.