لنڊن: انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي الزام تي برطانيا ايراني اهلڪارن تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون.پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانوي حڪومت جو چوڻ آهي ته پابندين جي فهرست ۾ ايراني پاسداران انقلاب جا 4 ڪمانڊر پڻ شامل آهن.ان ڏس ۾ برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري جيمز ڪليورلي جو چوڻ آهي ته هو ايراني حڪومت جي وحشياڻي جبر کي نظرانداز نٿا ڪري سگهن، ايراني حڪومت کنيل قدمن جي حساب ڪتاب لاءِ ڪارروائيون جاري رکيون وينديون.خابرو اداري موجب برطانيا طرفان آمريڪا ۽ يورپي يونين سان گڏجي ايراني اختيارين خلاف پابندين جو اعلان ڪيو ويو آهي.