مشهور پاڪستاني ميزبان مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي اڳوڻي گهر واري ڊاڪٽر بشريٰ اقبال تازو ئي طوبيٰ انور تي سخت تنقيد ڪئي آهي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل آهي. تازو ئي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ طوبيٰ انور ميڊيا انڊسٽري ۾ غير امڪاني طور تي قدم رکڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته مون کي شوبز ۾ اچڻ جو ڪوبه شوق نه هو مان اتفاقيه هن انڊسٽري جو حصو بڻجي آهيان، جڏهن ته عامر لياقت حسين پنهنجي زندگي ۾ طوبيٰ کي طلاق کان ڏيڻ کان پوءِ چئي چڪو هو ته انهي کي(طوبيٰ انور) کي مون ميڊيا انڊسٽري ۾ متعارف ڪرايو هو. طوبيٰ جي وائرل ٿيل ڪلپ تي ڊاڪٽر بشريٰ اقبال تبصرو ڪندي لکيو ته جيڪڏهن احسان فراموشي ۽ ڪوڙ جو ڪو چهرو هجي ها ته اهو به اهوئي هجي ها، هن اهو به لکيو سچ ٻڌائي ڇڏيو؟ سوشل ميڊيا تي صارفين به طوبيٰ انور جي بيانن کي ڪوڙو قرار ڏنو ۽ چيو ته طوبيٰ انور جي حقيقت سڀني جي سامهون آهي، ياد رهي ته عامر لياقت حسين بشريٰ اقبال کي 2020 ۾ سيده طوبيٰ انور سان شادي کان پوءِ طلاق ڏئي ڇڏي هئي. عامر لياقت جي ٻئي شادي کان پوءِ ڊاڪٽر بشريٰ اقبال ۽ ان جي ٻارن عامر لياقت کان تعلق ختم ڪري ڇڏيو هو جنهن کان پوءِ سيده طوبيٰ انور 2022 ۾ خلع جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو هو. انهي کان پوءِ عامر لياقت ٽڪ ٽاڪر دانيه شاهه سان 2022 ۾ شادي ڪئي هئي، پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ ڊاڪٽر عامر لياقت حسين سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويو هو جنهن سبب جون 2022 ۾ هو لاڏاڻو ڪري ويو هو.