پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آئيني ترميم جي منظوري کان اڄ رات جو دبئي روانو ٿي ويندو.ذريعن موجب بلاول ڀٽو پنهنجي ڀيڻ بختاور ڀٽو زرداري ۽ ڀاڻيجن مير حاڪم ۽ مير سجاول سان ملاقات جي لاءِ دبئي روانو ٿيندو.ٻئي طرف آئيني ترميم ۽ سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهه وڃڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف اڱاري تي دولت مشترڪه جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سموعه روانو ٿيڻو هو.ذريعن ٻڌايو آهي ته آئيني ترميم ۽ ملڪي سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم جو پرڏيهه وڃڻ جو پروگرام ملتوي ڪيو ويو آهي هاڻ وزيراعظم جي جڳهه پرڏيهي وزير ۽ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار طرفان پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جو امڪان آهي.