مظفر ڳڙهه (نمائندو ADN)
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هارين جا بجلي جا بل معاف ڪرڻ ۽ کين ٻج ۽ ڀاڻ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٺٽه سيال ۾ ٻوڏ متاثرين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته هي وقت سياسي بيان ڏيڻ جو ناهي، پر متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ سڀني جي ذميواري آهي، ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به پارٽي سان هجي سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت کي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ گهرجي ۽ صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي يقيني بڻائي ته صحيح امداد مستحق ماڻهن تائين پهچي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ئي شفاف امداد جي ورهاست ممڪن آهي.