پريالوءِ (رپورٽر ) بلوچستان جي علائقي ٽيپل واري علائقي ۾ روڊ جي تعمير جو ڪم ڪندڙ پريالوء واسين تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جوابدارن جو دستي بم سان حملو، مشين تي ڪم ڪندڙ پورهيت مارجي ويو، ٽي پورهيت سخت زخمي، اطلاع تي گهر ۾ ڪهرام تفصيل موجب بلوچستان جي تيپل واري علائقي ۾ تعمير ٿيندڙ روڊ تي ڪم ڪندڙ پريالوء جي ڳوٺ غفار شاھ واسي پورهيتن تي موٽرسائيڪل تي سوار نامعلوم هٿياربندن اوچتو دستي بم سان حملو ڪري مٿين دستي بم اڇلايا جنهن جي نتيجي ۾ روڊ جي ڪم ڪندڙ مشين پورهيت عبدالعزيز جاگيراڻي موقعي تي مارجي ويو جڏهن روڊ جي تعمير ۾ ڪم ڪندڙ 4 پورهيت شاهد حسين مري ، محمد بچل عباسي، حسين بخش ، عبدالوهاب لاشاري مزدور سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين ۽ مقامي پوليس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي سول اسپتال ڊيره مراد جمالي اسپتال پهچايو آهي هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي فوتي پورهيت جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي