بلوچستان: زرغون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پوسٽ مٿان دهشتگردن جو حملو، 3 جوان شهيد

بلوچستان: جي علائقي زرغون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي دوران 3 جوان شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي حملي کان پوءِ پوسٽ تي موجود جوانن طرفان جوابي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 جوان شهيد ٿي ويا. سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد به مارجي ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڪوئلي جي کاڻ مان ڀته وصولي روڪڻ لاءِ چيڪ پوسٽ تازو ئي ٺاهي وئي هئي.