بلوچستان مان اغوا ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر حنيف نورزئي بازياب

ڪوئٽه: بلوچستان جي ضلعي ڪيچ مان ٽي مهينا اڳ اغوا ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر تمپ محمد حنيف نورزئي آخرڪار بازياب ٿي ويو، کيس وڏي وزير جي خصوصي جهاز ذريعي ڪوئٽه منتقل ڪيو ويو۔ تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ ۽ قبائلي اڳواڻن جي ڪوششن نتيجي ۾ هٿياربندن بدھ ۽ خميس جي وچ واري رات دير سان حنيف نورزئي کي آزاد ڪيو۔ياد رهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر کي 3 جون 2025 تي ڪيچ مان اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن هو پنهنجي خاندان، ڊرائيور ۽ محافظن سان گڏ ڪوئٽه پئي وڃي۔ اغوا ڪندڙ صرف کيس پاڻ سان گڏ کڻي ويا جڏهن ته سندس گهرڀاتين ۽ محافظن کي ڇڏي ڏنو ويو۔بازيابي کان پوءِ وڏي وزير بلوچستان جو خصوصي جهاز رات ساڍي 10 وڳي تربت ۾ لٿو، جتان حنيف نورزئي کي سخت سيڪيورٽي هيٺ ڪوئٽه آندو ويو۔