ڪراچي: پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سال 2021-22 دوران بلوچستان کي قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ تحت 11 ارب 15 ڪروڙ روپيه گهٽ ورهايا ويا.پي اي سي ميمبرن پاران ناڻي واري سيڪريٽري جي غير حاضري تي اعتراض ڪيو ويو، جڏهن ته چيو ويو ته رقم جي گهٽتائي اين ايف سي ايوارڊ جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ورهاست جي عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي. پي اي سي جو چوڻ آهي ته بلوچستان حڪومت هي معاملو وفاق سامهون اٿاريندي.