اتر بلوچستان ۾ دهشتگردن جي هڪ گروپ زوب گيريزن تي حملو ڪري ڏنو. جنهن جي نتيجي ۾ 4 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن زوب گيريزن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جتي ڊيوٽي تي موجود فوجين دهشتگردن جي اهڙي ڪوشش کي روڪيو.آءِ ايس پي آر موجب فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 فوجي جوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته 3 دهشتگرد به مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي فائرنگ دوران 5 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي به ٿيا آهن جڏهن ته 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهن.