بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو، 4 اهلڪار شهيد

بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي دوران 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس اختيارين موجب حملو ضلعي سيراني جي علائقي دانه سر جي چيڪ پوست تي ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ حملي آور به مارجي ويو.پوليس اختيارين موجب فائرنگ جي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو شيراني ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بزدلاڻيون ڪارروايون فورسز جا حملا نٿيون روڪي سگهيون. سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون قوم جي لاءِ مشعل راهه آهن.عبدالقدوس بزنجو چيو ته سيڪيورٽي فورسز پڪي عزم ۽ حوصلي سان ملڪ ۽ قوم جو تحفظ يقيني بنائي رهي آهي.