بلڙي شاھ ڪريم جي بينظير بستي جي رھواسي جمن مھشوري جي 18 سالن جي نوجوان نياڻي بلڙي شاھ ڪريم شھر جي مين روڊ ڀرسان پنھنجي جيجل ماء جي ھنج ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي جيجل ماء جون سندس نياڻي جي لاش مٿان اڀ ڏاريندڙ دانھون جڏھن ته جمن مھشوري جي نياڻي اچانڪ بيمار ٿي پئي سندس پيٽ ڀرجي ويو جنھن کي سندس جيجل ماء بلڙي شاھ ڪريم جي پرائيويٽ ڪلينڪ تي کڻائي پھتي جتي کيس ڊاڪٽر سيول اسپتال حيدرآباد جو ريفر ليٽر ڏئي روانو ڪيو.
غربت سبب علاج جا پيسا نه ھجڻ ڪري کيس نياڻي کي سندس جيجل ماء گھر وٺي وڃي رھي ھئي ته اچانڪ روڊ ڀرسان بيھوش ٿي ڪري پئي ۽ ھو ماء جي ھنج ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي جڏھن ته نياڻي جي فوت ٿيڻ بعد شھرين ايمبولينس گھرائي نياڻي جو لاش گھر پھچرايو آهي نياڻي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ماء جيجل جي اڀ ڏاريندڙ رڙين ھر اک اشڪبار ڪري ڇڏي.
وارثن ٻڌايو ته نياڻي کي ڪجھ ڏينھن کان تڪليف ھئي پر غربت سبب علاج نه ڪرائي سگھياسين اڄ تڪليف وڌڻ ڪري اسپتال کڻي آياسين پر اسان جي نياڻي تڪليف سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي.