بنون: دهشتگردن سان مقابلي ۾ 3 سي ٽي ڊي اهلڪار شهيد، 2 خوارج مارجي ويا

 بنون ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ مقابلي دوران 3 سي ٽي ڊي اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته مقابلي دوران 2 خوارج دهشتگرد مارجي ويا. ڊي پي او موجب سپينه تنگي جي علائقي چشمي ۾ سي ٽي ڊي پوليس جي فائرنگ سبب 2 حملي آور مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. حملو ڪندڙن سان هٿيار، هينڊ گرنيڊ، آءِ اي ڊيز ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي. بنون جي ريجنل پوليس آفيسر(آر پي او) سجاد خان جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب بنون ۾ چشمي جي علائقي اسپن تنگي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران سي ٽي ڊي بنون جي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر(اي ايس آءِ) بن يامين خان، ڪانسٽيبل انعام خان ۽ ڪانسٽيبل مسرور شهيد ٿي ويو. انهي حملي ۾ 2 ڪانسٽيبل وفيد خان ۽ عمران زخمي ٿي پيا آهن. هن چيو ته پوليس جي فائرنگ سبب 2 خوارج دهشتگرد مارجي ويا، 2 زخمي ٿي پيا پر انهن جا ساٿي لاشن ۽ زخمين کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ترجمان ٻڌايو ته دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا بارود، ديسي ساخت جو ڌماڪيدار مواد ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن جن کي پوليس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي آر پي او سجاد خان، ضلعي پوليس آفيسر(ڊي پي او) بنون سليم عباس ڪلاچي ۽ سپرنٽينڊنٽ پوليس(ايس پي) سي ٽي ڊي اسپتال پهتا جتي انهن زخمي اهلڪارن جي عيادت ڪئي ۽ انهن جي خيريت پڇا ڪئي. انهن اسپتال جي عملي کي زخمين جي بهترين علاج جون هدايتون به جاري ڪيون. آر پي او سجاد خان چيو ته زخمي اهلڪارن جي بهترين علاج جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا  ڪتب آندا ويندا. هن چيو ته اسان جلد پنهنجي شهيد ڀائرن جو بدلو وٺنداسين ۽ دهشتگردن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. بنون پوليس ۽ سي ٽي ڊي پوليس جي بهادر نفري علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، سرچ آپريشن ۾ مصروف آهي. ترجمان ٻڌايو ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي حملي جي مذمت ڪندي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. خيبرپختونخواهه جي گورنر هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب فيصل ڪريم ڪنڊي دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ تي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون.